اليڪشن ڪميشن جو فيصلو: سنڌ حڪومت پاران قانوني ٽيم جو هنگامي اجلاس طلب

0
102

ڪراچي: اليڪشن ڪميشن طرفان مڪاني چونڊون ڪرائڻ جي فيصلي کانپوءِ سنڌ حڪومت قانوني ٽيم جو اجلاس فوري طور تي طلب ڪري ورتو.

سنڌ حڪومت چيف سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري بلديات کان به رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. سنڌ حڪومت طرفان چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن ڪهڙي قانون تحت صوبائي حڪومت جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو. ان حوالي سان قانوني ٽيم سنڌ حڪومت کي آگاهي ڏيندي.

هوڏانهن صوبائي حڪومت به نئين صورتحال تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي. ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ جو سنڌ حڪومت جو فيصلو رد ڪندي چونڊون 15 جنوري تي ئي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here