پي ڊي ايم حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي:شاه محمود قريشي

0
107

 پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشيءَ چيو آهي ته پي ڊي ايم حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي، ڪراچيءَ کان لاهور آيل ماڻهن لاهور کي سنڌ هائوس بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي

سندس ڍچوڻ هو ته مخالف ڌر جون دعوائون ڪوڙيون نڪتيون، هاڻي ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ چونڊون ڪرايون وڃن

پنجاب اسيمبليءَ ۾ چوڌري پرويز الاهي کي اعتماد جو ووٽ ملڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته هو ميمبرن ۽ وڪيلن جو ٿورائتو آهي، جن سندن ساٿ ڏنو

هن چيو ته ليگي اڳواڻن گوڙ ڪيو ۽ ڊائيس جو گهيراءُ به ڪيو، اپوزيشن کي گهرجي ها ته پنهنجي شڪست تسليم ڪن ها، پر هنن احتجاج شروع ڪري ڇڏيو

شاهه محمود قريشيءَ چيو ته واپاري پريشان آهن، ملڪ ۾ مهانگائي جا سمورا رڪارڊ ٽٽي چڪا آهن، هنن حالتن ۾ نئين سر چونڊون ئي سمورن مسئلن جو حل آهن

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here