پنجاب حڪومت اعتماد جي ووٽ واري ڪارروائي دوکي سان هلائي: رانا ثناءُ الله

0
457

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پنجاب اسيمبليءَ جي اسپيڪر اعتماد جي ٺهراءُ کي بلڊوز ڪري ڇڏيو، ست کان 8 ڪلاڪ اجلاس جاري رکي رات 12 وڳي اعتماد جي ووٽ لاءِ ٺهراءُ پيش ڪرڻ غير آئيني آهي

وفاقي وزير چيو ته چوڌري پرويز الاهيءَ اسيمبلي نه ٽوڙڻ جو حلف وٺڻ کانپوءِ اسيمبلي ميمبرن کي ايوان ۾ آندو، جيڪڏهن هاڻي اسيمبلي نٿو ٽوڙي ته عمران خان جي بيان جو ڇا ٿيندو؟ 

پنجاب اسيمبليءَ جي اجلاس جي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ن ليگ اڳواڻن چيو ته اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ ڌانڌلي شروع ڪئي وئي، هي جيڪي به نمبر ٻڌائين، اُهي جعلي هوندا

ان موقعي تي راڻا ثناءُ الله چيو ته پرويز الاهيءَ وٽ 181 کان وڌيڪ ووٽ نه هئا، ايوان ۾ سرڪاري سيٽن تي ايترا ميمبر ئي موجود نه هئا، سمورين ڪوششن باوجود نمبر پورا نه ڪري سگهيا

 هن چيو ته ست کان 8 ڪلاڪ اجلاس جاري رکي رات 12 وڳي ٻئي ايجنڊا جاري ڪئي وئي، جيڪو غير آئيني عمل آهي، پنجاب اسيمبلي ۾ اعتماد جي ڪارروايئ دوکي سان هلائي وئي، ان کي تسليم نٿا ڪريون

راڻا ثناءُ الله چيو ته چوڌري پرويز الاهيءَ اسيمبلي نه ٽوڙڻ جو حلف وٺڻ کانپوءِ اسيمبلي ميمبرن کي ايوان ۾ آندو، جيڪڏهن هاڻي اسيمبلي نٿو ٽوڙي ته عمران خان جي بيان جو ڇا ٿيندو؟ 

ان موقعي تي ايم پي اي ملڪ احمد چيو ته پنجاب اسيمبليءَ جي اجلاس جي ڪارروائي سراسر فراڊ آهي، اهڙي ڪارروائي تاريخ ۾ اڳ ڪڏهن به ناهي ڏٺي

ن ليگ اڳواڻ عطا تارڙ چيو ته پولنگ ايجنٽ مقرر نه ڪيو ويو، پي ٽي آءِ جا ٽي ماڻهو گهٽ هئا، انهن رولز کي بلڊوز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هيءَ سڌي سنئين ڌانڌلي آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here