نيب اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي اڳوڻي صلاحڪار مرزا شهزاد اڪبر خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي ۽ سندس اثاثن ۽ ملڪيتن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي
ذريعن موجب نيب شهزاد اڪبر ۽ سندس خاندان جي نالي تي ملڪيتن جو رڪارڊ 6 مارچ تائين طلب ڪري ورتو آهي، جڏهن ته سڄي صوبي جي ڊولپمينٽ اٿارٽيز کي مرزا شهزاد اڪبر بابت تفصيل فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي واضح رهي ته شهزاد اڪبر تي برطانيا مان وصولي فنڊ پاڪستان آڻڻ ۾ به بي ضابطگين جو الزام آهي