پنجاب جو وڏو وزير اعتماد جو ووٽ وٺڻ ۾ ڪامياب

0
99

 پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي اعتماد جو ووٽ حاصل ڪري ورتو آهي

اسپيڪر سبطين خان جي سربراهي ۾ پنجاب اسيمبليءَ جو اجلاس وقفي کانپوءِ ٻيهر شروع ٿيو، جنهن ۾ ميان اسلم اقبال اعتماد جي ووٽ لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو

پرويز الاهيءَ لاءِ اعتماد جو ووٽ وٺڻ بابت ڪارروائي شروع ٿيڻ تي اپوزيشن احتجاج شروع ڪري ڇڏيو، سيڪريٽري اسيمبلي جو گهيراءُ ڪندي نعريبازي شروع ڪري ڇڏي، جنهنڪري ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو

ن ليگ جي ميمبرن ۽ پي ٽي آءِ وارن هڪٻئي خلاف نعريبازي شروع ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ وڌيڪ سيڪيورٽي طلب ڪئي وئي ۽ ايوان جا دروازا بند ڪرايا ويا

ان موقعي تي اپوزيشن ميمبرن اعتماد جو ووٽ وٺڻ بابت ٺهراءَ کي رات 12 وڳي کانپوءِ پيش ڪرڻ واري عمل کي غير آئيني قرار ڏيندي واڪ آئوٽ ڪي

پنجاب اسيمبليءَ جو اجلاس جاري رکيو ويو، جنهن دوران اعتماد جو ووٽ ورتو ويو، جيڪو ڳڻڻ کانپوءِ اسپيڪر طرفان پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي جي ڪاميابيءَ جو اعلان ڪيو ويو

اسپيڪر سبطين خان چيو ته چوڌري پرويز الاهي جي حق ۾ 186 ووٽ وڌا ويا، پرويز الاهي اعتماد جو ووٽ حاصل ڪري چڪو آهي، کيس واڌايون هجن

اجلاس دوران پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهيءَ چيو ته ته الله جي ڪرم سان 186 ووٽ ماڻي ورتا آهن، اڄ ن ليگ وارن کي سرپرائيز مليو، جنهن جي کين اميد ئي ڪانه هئي، ن ليگ هاڻي پنجاب جي هڪ ڪنڊ تائين محدود ٿي چڪي آهي، هو کين گهرن تائين محدود ڪرڻ چاهين ٿا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here