پرويز الاهي وٽ 24 ڪلاڪ آهن، کيس 186 ميمبرن جي حمايت هجڻ گهرجي: لاهور هاءِ ڪورٽ

0
87

لاهور هاءِ ڪورٽ جو چوڻ آهي ته پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جو وڪيل ٻڌائي ته اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ ڪيترو وقت گهرجي، اسان هڪ تاريخ طئي ڪنداسين.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عابد عزيز شيخ جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ چوڌري پرويز الاهي کي وڏي وزير جي عهدي تان هٽائڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، وفاقي وزير رانا ثناءُ الله، نواز ليگ اڳواڻ ر انا مشهود ۽ طاهر خليل سنڌهو به لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيا، ٻڌڻي دوران جسٽس عابد عزيز پڇاڻو ڪيو ته ڇا معاملو حل ناهي ٿيو؟ جنهن تي چوڌري پرويز الاهي جي وڪيل بئريسٽر علي ظفر چيو ته سمورا معاملا عدالت ۾ حل ڪيا ويندا.

عدالت پڇاڻو ڪيو ته هاڻي ڪهڙي پوزيشن آهي؟ جنهن تي گورنر پنجاب بليغ الرحمان جي وڪيل چيو ته عدالت وزيراعليٰ کي ڪافي وقت ڏنو، سندس چوڻ هو ته مناسب وقت نه ڏنو ويو، عدالت اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو رستو به کوليل رکيو هو.

جسٽس عابد عزيز شيخ رمارڪس ڏيندي چيو ته گورنر، وڏي وزير کان اعتماد جي ووٽ جو چئي سگهي ٿو، آخر ۾ اهو فيصلو ميمبرن کي ئي ڪرڻو آهي ته ڪير وڏو وزير بڻجي سگهي ٿو، بئريسٽر علي ظفر ٻڌائي ته اعتماد جي ووٽ لاءِ ڪيترو وقت مناسب ٿي سگهي ٿو، تاريخ مقرر ڪري ڇڏينداسين.

جسٽس عاصم حفيظ چيو ته اوهان وٽ پورو موقعو هو، ايترن ڏينهن ۾ اعتماد جو ووٽ وٺڻ وٺي وٺو ها، جنهن تي بئريسٽر علي ظفر چيو ته آئون ان قانوني نقطي تي دليل ڏيندس. بئريسٽر علي ظفر چيو ته پرويز الاهي ته ووٽ وٺي ئي وڏو وزير بڻيو آهي، جنهن تي جسٽس عاصم چيو ته وڏي وزير وٽ 24 ڪلاڪ آهن، کيس 186 ميمبرن جي حمايت هجڻ گهرجي. اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته وڏي وزير لاءِ گورنر جي چوڻ تي اعتماد جو ووٽ وٺڻ ضروري آهي، گورنر جو اختيار آهي ته هو وڏي وزير کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ چوي.

جسٽس عاصم حفيظ چيو ته ڪا به پارٽي انگن اکرن کي هٿ لڳائڻ لاءِ تيار ناهي، هرڪو سوچي رهيو آهي ته جيڪو پهريان ڪندو اهو ڀريندو. اٽارني جنرل چيو ته هاڻي ته معاملو مناسب وقت کان ٻاهر اچي ويو آهي، جنهن تي چوڌري پرويز الاهي جي وڪيل بئريسٽر علي ظفر چيو ته هنن لکت ۾ ڪجهه ناهي آندو، اٽارني جنرل جواب ڏنو ته وڏي وزير کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ کان ڪنهن نه روڪيو هو، لکت جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ جسٽس عابد عزيز شيخ رمارڪس ڏيندي چيو ته ٺيڪ آهي جيڪڏهن اتفاق نه ٿيو ته اسان ان جو ميرٽ تي فيصلو ڪنداسين. ياد رهي ته چوڌري پرويز الاهي گورنر پنجاب جي هٽائڻ واري نوٽيفڪيشن کي چيلنج ڪيو هو، جنهن تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ 23 ڊسمبر تي نوٽيفڪيشن تي عملدرآمد معطل ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 11 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي هئي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here