صدر عارف علوي بجيٽ تجويزون آرڊيننس جي صورت ۾ لاڳو ڪرڻ تي اعتراض واري ڇڏيا

0
124

ذريعن موجب، حڪومت اڄ ئي آرڊيننس جاري ڪري مني بجيٽ لاڳو ڪرڻ چاهي ٿي، جنهن لاءِ قانون واري وزارت آرڊيننس جو جائزو وٺي رهي آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر جي اعتراضن کانپوءِ حڪومتي ٽيم غور ويچار ۾ مصروف آهي

ذريعن موجب، صدر چاهي ٿو ته بجيٽ تجويزون آرڊيننس بدران بل جي صورت ۾ پارليامينٽ ۾ پيش ٿين، جڏهن ته حڪومتي موقف آهي ته پارليامينٽ مان بل جي منظوري ۾ وڌيڪ وقت لڳي ويندو

ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت صدر سان ٻيهر رابطو ڪري سگهي ٿي ۽ کيس درخواست ڪئي ويندي ته ڪابينا مان منظوري کانپوءِ فوري طور آرڊيننس جاري ڪيو وڃي

ذريعن موجب، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس دوران حڪومت آرڊيننس جاري نٿي ڪري سگهي، حڪومت گڏيل اجلاس کي ختم ڪري ٿي ته اجلاس گهرائڻ لاءِ ٻيهر صدر سان رابطو ڪرڻو پوندو ۽ حڪومت کي خدشو آهي ته گڏيل اجلاس ختم ڪيو ويندو ته صدر ٻيهر اجلاس نه گهرائيندو

ٻئي پاسي صدر عارف علوي سان ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار ملاقات ڪئي، جنهن دوران مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي

ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ اسحاق ڊار آءِ ايم ايف سان ڳالهين بابت صدر کي آگاهه ڪيو ۽ آءِ ايم ايف جي مطالبن بابت به ٻڌايو

ذريعن موجب، ملاقات ۾ حڪومت طرفان مني بجيٽ آرڊيننس جي صورت ۾ لاڳو ڪرڻ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي

ان کان اڳ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار صدر عارف علوي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ مني بجيٽ آرڊيننس جي صورت ۾ لاڳو ڪرڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ذريعن موجب صدر عارف علوي سان ملاقات ۾ اسحاق ڊار مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون. موجب ملاقات ۾ اسحاق ڊار آءِ ايم ايف سان ڳالهين جي باري ۾ صدر عارف علوي کي آگاهه ڪيو ۽ آءِ ايم ايف جي مطالبن بابت به ڳالهيون ڪيون ذريعن ٻڌايو آهي ته ملاقات ۾ هڪومت طرفان مني بجيٽ آرڊيننس جي صورت ۾ لاڳو ڪرڻ تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن موجب مني بجيٽ تجويز اڄ ٿيندڙ وفاقي ڪابينه جي اجلاس ۾ منظور ڪرڻ جو امڪان آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here