اختيارن جو غلط استعمال،دادو جي اڳوڻي روينيو آفيسرن خلاف اينٽي ڪرپشن پاران جاچ جو حڪم

0
91

دادو: اختيارن جو غلط استعمال، دادو جي اڳوڻي روينيو آفيسرن خلاف اينٽي ڪرپشن پاران جاچ جو حڪم  ڏنو ويو آهي، جوهي سان تعلق رکندڙ زرعي کاتي جي رٽائرڊ بزرگ آفيسر 75 ورهين جي غلام حسين لغاري جي زمين تي قبضي جي ڪوشش ۽ کيس لاڳيتو ذهني تشدد جو نشانو بڻائڻ واري شڪايت تي اختياريون نيٺ حرڪت ۾ اچي ويون

 دادو جي اڳوڻي اي ڊي سي ون امداد علي ابڙو، سندس ريڊر رشن ٺٺيار، اڳوڻي اسسٽنٽ ڪمشنر جوهي پيرل خان چانڊيو، اڳوڻي مختيارڪار جوهي علي شير بدراڻي، سندس ريڊر منير رند ۽ ٻين تي لينڊ مافيا کان رشوت وٺي بزرگ شهري جي زمين تي قبضي ۾ سهولتڪار جو الزام هو، انهي معاملي جي اينٽي ڪرپشن جاچ جو حڪم ڏنو آهي ۽ اها جاچ ڪمشنر حيدرآباد حوالي ڪئي وئي آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here