پنجاب ۾ عام چونڊن لاءِ فنڊز جي عدم فراهمي واري معاملي تي چيف جسٽس اٽارني جنرل ۽ ناڻي واري سيڪريٽري کي طلب ڪري ورتو

0
99

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس 14 اپريل تي ناڻي واري سيڪريٽري ۽ اٽارني جنرل سميت لاڳاپيل اختيارين کي پنهنجي چيمبر ۾ طلب ڪيو آهي

سپريم ڪورٽ گورنر اسٽيٽ بئنڪ ۽ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن سميت ناڻي واري سيڪريٽري ۽ اٽارني جنرل کي به نوٽيس جاري ڪيا آهن

نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ موجب وفاقي حڪومت فنڊز فراهم نه ڪيا آهن، پنجاب ۾ چونڊن لاءِ فنڊز فراهم نه ڪرڻ عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي آهي

سپريم ڪورٽ جي نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي جا نتيجا قانون ۾ واضح آهن ۽ سڀني کي خبر آهي، سمورا آفيسر 14 اپريل تي چيف جسٽس جي چيمبر ۾ پيش ٿين، اليڪشن لاءِ فنڊن جي فراهمي توهين عدالت جي ڪارروائي کان وڌيڪ ضروري آهي

عدالت گورنر اسٽيٽ بئنڪ کي موجوده وسيلن جا سمورا تفصيل گڏ آڻڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته گورنر اسٽيٽ بئنڪ ۽ اعليٰ آفيسر حڪومت وٽ موجود رقم جا تفصيل کڻي پيش ٿين، جڏهن ته ناڻي واري سيڪريٽري کي به رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

نوٽيس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ٻڌايو وڃي ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل ڇو نه ڪيو ويو؟

سپريم ڪورٽ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن کي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي چونڊن بابت سمورو رڪارڊ فراهم ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي

ياد رهي ته سپريم ڪورٽ پنجاب ۾ 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو، جڏهن ته وفاقي حڪومت جو موقف آهي ته پهرين هڪ يا ٻن صوبن ۾ چونڊون نه ٿيون ٿي سگهن ان سلسلي ۾ سپريم ڪورٽ ناڻي واري وزارت کي اليڪشن ڪميشن کي 10 اپريل تائين فنڊ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي اليڪشن ڪميشن کي 11 اپريل تي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم به ڏنو هو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here