ڊپٽي اسپيڪر جيڪو ڪم ڪيو اهو پاڪستان جي آئين جي ڀڃڪڙي آهي: بلاول ڀٽو زرداري

0
109

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان جي آئين جي ڀڃڪڙي جي سزا واضح آهي، بي اعتمادي تي ووٽنگ اڄ ٿيڻي هئي ڊپٽي اسپيڪر جيڪو ڪم ڪيو اهو آئين جي خلاف آهي.بلاول زرداري چيو ته متحده مخالف ڌر آئيني حق ملڻ تائين قومي اسيمبلي ۾ ڌرڻو هڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي.هن چيو ته بي اعتمادي رٿ ٿي چڪي، هو پارليامينٽ ٽوڙي نٿو ڪري سگهي، هن کي بي اعتمادي رٿ جو مقابلو ڪرڻو پوندو، جڏهن ته اسپيڪر جي خلاف به بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿينديآهي.پ پ چيئرمين چيو ته هاڻي سپريم ڪورٽ کي فيصلو ڏيڻو آهي، هي ٻاراڻي حرڪت آهي، هي ميدان مان ڀڄڻو آهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان پاڻ کي بي نقاب ڪري ڇڏيو، عوام کي اپيل آهي ته جمهوريت ۽ آئين جو ساٿ ڏئي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here