سنڌ ڪابينا پاران ڪمند جو في مڻ اگهه 302 رپيا مقرر، پيڙهائي 20 نومبر کان شروع ڪرڻ جي منظوري

0
66

ڪراچي: سنڌ ڪابينا ڪمند جو في مڻ اگهه 302 رپيا مقرر ڪري ڇڏيو، ڪمند جي پيڙهائي 20 نومبر کان شروع ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي.

وڏي وزير مراد علي شاھ جِي صدارت هيٺ اجلاس اجلا ٿيو، اجلاس ۾ ڪمند جي اگهه سميت مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو،سنڌ ڪابينا 20 نومبر کان پيڙهائي شروع ڪرڻ جِي منظوري ڏيڻ سان گڏ ڪمند جو في مڻ اگهه 302 رپيا مقرر ڪيو،

صوبائي گهرو کاتي پاران تعليم جَي بنياد تي 9 قيدين جِي سزا ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، اجلاس ۾ بريفنگ ڏني وئي ته قيدين ميٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان پاس ڪيا، جنهن تي انهن کي 6-6 مهينا سزا جي معافي ڏني وئي آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here