افغانستان دهشتگرد سرگرمين ۾ ملوث عنصرن خلاف فوري طور ڪارروائي ڪري ، پاڪ افغان سرحدي علائقي کي محفوظ بڻائي

0
116

پرڏيهي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان پاڪ افغان سرحد تي سرحد پار کان پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻائڻ جي واقعن ۾ واڌ ٿي آهي.پرڏيهي ترجمان موجب پاڪستان افغان حڪومت کان سرحدي علائقي کي محفوظ بڻائڻ جي درخواست پڻ ڪئي آهي، دهشتگرد افغان سرزمين کي پاڪستان جي اندر ڪارروائين لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن.هن چيو ته 14 اپريل تي اتر وزيرستان ۾ افغانستان کان دهشتگردن جي ڪاررواين ۾ 7 جوانن کي شهيد ڪيو.هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي لاءِ افغان سرزمين استعمال ٿيڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here