دعا زهره پرڻي جو 8 مهينن بعد ڊرامائي ڊراپ سين: شاگردياڻي والدين ڏانهن هلي وئي

0
83

ڪراچي: ڪراچي مان اغوا ڄاڻايل شاگردياڻي جي شادي واري معاملي جو ڊرامائي ڊراپ سين، شاگردياڻي والدين سان گڏ رهڻ جو بيان ڏئي ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ کي عارضي طور والدين حوالي ڪري ڇڏيو،

عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته شاگردياڻي بيان ڏنو آهي ته هوءَ والدين سان گڏ وڃڻ چاهي ٿي، شاگردياڻي جي مستقل حوالگي بابت چائلڊ ڪورٽ فيصلو ڪندي،

جسٽس اقبال ڪلهوڙو شاگردياڻي کي گهرائي نالو پڇيو، شاگردياڻي چيو ته منهنجو نالو دعا زهره آهي، آئون ستين ڪلاس ۾ پڙهندي هئس، هاڻ والدين سان گڏ رهڻ چاهيان، عدالت شاگردياڻي جي عارضِي حوالگي بابت درخواست اُڪلائي ڇڏي،

شاگردياڻي 8 مهينا اڳ مبينا طور لاهور وڃي نوجوان ظهير احمد سان پسند جو پرڻو ڪيو هو، شاگردياڻي جي والد مهدي ڪاظمي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته سهڪار ڪرڻ تي عدالت ۽ ميڊيا جي دوستن جو ٿورائتو آهي، نياڻي جي حوالگي ڪري عدالت انصاف ڪيو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here