سپريم ڪورٽ ۾ ملڪ جي آئيني سياسي صورتحال تي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي

0
136

چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي جي شروعات تي عورت درخواستگذار عدالت کي استدعا ڪئي ته اڳوڻي آمريڪي سفير اسد مجيد کي طلب ڪيو وڃي ته سڀ سامهون اچي ويندو، سمورو معاملو اسد مجيد جي خط سبب ٿيو آهي.عورت جي درخواست تي چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته هو انفرادي درخواستون نه ٻڌي رهيا آهن.ٻڌڻي دوران رضا رباني چيو ته هو چاهين ٿا ته اڄ دليل مڪمل ٿين ۽ عدالت مختصر حڪم نامو جاري ڪري، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته سموريون  ڌريون دليل مڪمل ڪن ته هو حڪم جاري ڪندا.رضا رباني چيو ته ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ بدنيتي تي ٻڌل آهي.هن چيو ته بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائڻ کان پوءِ 9 ڀيرا بدنيتي وارا قدم کنيا ويا، بي اعتمادي جي رٿ 8 مارچ کان التوا ۾ هئي.سندس چوڻ هو ته ڊپٽي اسپيڪر پارليامينٽ آڏو دستاويز پيش ڪرڻ کانسواءِ رولنگ ڏني.قومي اسيمبلي رولز 28 جي تحت ڊپٽي اسپيڪر وٽ اختيار هجن ته به رولنگ نٿو ڏئي سگهي.رضا رباني دليل ڏيندي چيو ته ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ غير قانوني آهي، بي اعتمادي رٿ ووٽنگ جي بغير رد نٿو ڪري سگهجي.رضا رباني عدالت کي استدعا ڪئي ته قومي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس جا منٽس طلب ڪيا وڃن.ان موقعي تي مسلم ليگ ن جي وڪيل مخدوم علي خان دليلن جي شروعات ڪندي پارليامينٽ جي ڪارروائي پڙهي ٻڌائي.هن عدالت کي استدعا ڪئي ته اسپيڪر جي رولنگ ڪالعدم قرار ڏئي اسيمبليون بحال ڪيون وڃن.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس 31 مارچ جي اجلاس جا منٽس طلب ڪندي چيو ته اسپيڪر جو وڪيل نعيم بخاري کي اجلاس جو منٽس پيش ڪري

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here