گورنر جي نوٽيفڪشين کي نه ٿو مڃان، غير قانوني آهي: پرويز الاهي

0
75

گورنر پنجاب بليغ الرحمان پاران ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ بعد  چوڌري پرويز الاهي جو  ردعمل سامهون اچي ويو

گورنر پنجاب بليغ الرحمان، وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي ڊي نوٽيفاءِ ڪري ڇڏيو، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو

نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو ته يقين آهي ته وڏي وزير کي قومي اسيمبلي جي اڪثريت جو اعتماد حاصل نه آهي، نوٽيفڪيشن بعد پنجاب ڪابينا ختم ٿي وئي

گورنر پنجاب بليغ الرحمان پاران ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ بعد چوڌري پرويز الاهي ردعمل ڏيندي چيو ته  هو گورنر جي نوٽيفڪيشن کي نه ٿو مڃي جيڪو غير قانوني آهي

چوڌري پرويز الاهي چيو ته هو گورنر پنجاب جي حڪم خلاف عدالت جو دروازو ڪڙڪائيندا ۽ هو وڏو وزير آهي ڪابينا  ڪم جاري رکندي

واضح رهي ته گورنر پنجاب بليغ الرحمان پاران وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ بعد پنجاب ڪابينا کي تحليل ڪري ڇڏيو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here