پنجاب ۾ کُليل کير وڪرو ڪرڻ تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو

0
75

لاهور: پنجاب فوڊ اٿارٽي لاهور ۾ کليل کير وڪڻڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. پنجاب فوڊ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل جو چوڻ آهي ته سڄي صوبي ۾ کليل کير جي وڪري تي پابندي هوندي، جڏهن ته پهرين مرحلي ۾ لاهور ۾ پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ حڪمت عملي جوڙي وئي آهي.

ڊي جي فوڊ اٿارٽي موجب ٽيسٽنگ جي مرحلي ۾ کليل کير صحت لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيو آهي، جنهن کانپوءِ پيڪيج ٿيل کير لاهور جي گهٽين جي دڪانن تي وڪرو ڪيو ويندو، جنهن لاءِ گوالا ايسوسيئيشن سان ڳالهيون جاري آهن، گوالا ايسوسيئيشن کي اعتماد ۾ وٺي وڌيڪ فيصلو ڪيو ويندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here