ناليواري شاعر ۽ لطيف جي حافظ سيف ٻنوي جي وڇوڙي کي 13 ورهيه مڪمل، خميس تي ورسي ملهائي ويندي

0
82

سنڌي ٻولي جي ناليواري شاعر ۽ لطيف جي حافظ سيف ٻنوي جي وڇوڙي کي 13 ورهيه وهامي ويا، خميس ڏينهن سندس ورسي ملهائي ويندي،

سيف ٻنوي يادگار ڪاميٽي جي ميمبرن امير ڪنڀار، نور لطيفي، يوسف چانڊيو ۽ گل حسن سومرو پاران 13 هين ورسي 5 جنوري تي رات جو ٻني شھر لڳ سيف ٻنوي جي آخري آرام گاھ تي ملھايي ويندي،

ورسي ڏهاڙي قبر تي گلن جي چادر چاڙھڻ بعد شاھ عبدالطيف ڀٽايي سميت صوفي شاعرن جي شاعري سان کيس سيف بنوي کي ڀيٽا پيش ڪيي  ويندي، ان دوران سيف ٻنوي جي دوستن طرفان موسيقي جي محفل جو به انتظام ڪيو ويو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here