پيپلزپارٽي پاران پي ٽي آءِ حڪومت ختم ٿيڻ تي 15 اپريل تي جشن ملهائڻ جو اعلان

0
106

صوبائي وزير سعيد غني جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت ختم ٿيڻ تي 15اپريل تي جشن ملهايو ويندو هن چيو ته پاڪستان جي پوري عوام کي عمران خان جي وڃڻ جون مبارڪون هجن، حڪومت ختم ٿيڻ سان ئي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ بهتري ۽ ڊالر سستو ٿيو سندس چوڻ هو ته عمران خان پنهنجي اتحادين سان ملاقاتون ڪيون پر خط جو ڪوبه ذڪر نه ڪيو، اوچتو 27 مارچ تي خط کڻي اچي ٿو سعيد غني چيو ته جنهن سفير ڌمڪي ڏني ان کي تقريب ۾ ڇو سڏايو ويو هن چيو ته هي چوڻ ٿا جيڪي عمران خان سان گڏ آهن اهي محب وطن ۽ ٻيا سڀ غدار آهن سندس چوڻ هو ته هن ملڪ جي تاريخ ۾ هن کان وڏو فاشسٽ نه ڏٺو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here