گاجي کهاوڙ: شهرجي ٻوڏ متاثرشهرين کي نظراندازڪرڻ خلاف مظاهرو

0
98

گاجي کهاوڙ رپورٽ نياز ڏيپر

گاجي کهاوڙ سٽي جي وارڊ نمبر 1 ۽ 2 کي ريڊڪراس ، ورلڊ فوڊ  ۽ ٻين اين جي اوز طرفان نظر انداز ڪرڻ خلاف شهري اتحاد جي سڏ تي نديم کهاوڙ ۽ بخت چنه جي اڳواڻي ۾ بس اسٽاپ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

ڌرڻي سبب  گاجي کھاوڙ باء پاس تي  روڊ بند  ٿي ويو،مظاهرين  ريڊ ڪراس اين جي اوز ورلڊ فوڊ ۽ ٻيون اين جي اوز

خلاف نعريبازي ڪري رهيا هئا

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سماجي تنظيمن توڙي سرڪار شهر جي متاثرن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي

اڳواڻن وڌيڪ چيو ته متاثر ٻين علائقن ۾ سماجي تنظيمن توڙي  ضلعي انتظاميا شهر جي متاثر وارڊن  جي ماڻهن  جي ڪا به سار ناهي لڌي

اڳواڻن  ڊي سي قمبر ، تڪ جي ايم پي اي،  ايم اين اي  توڙي سماجي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ته  ته شهر جي متاثر علائقن جي ماڻهن کي رليف فراهم ڪيو وڃي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here