ملير وارن سليڪٽيڊ ۽ ڪٺ پتلي کي تاريخي شڪست ڏني: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري

0
65

ملير وارن سليڪٽيڊ ۽ ڪٺ پتلي کي تاريخي شڪست ڏني، ننڍي چونڊ ۾ تاريخي ڪاميابي تي پ پ ڪارڪنن کي واڌيون ڏيان ٿو، ملير جو عوام جهموري جدوجهد تي يقين رکي ٿو، 2018 ۾ عوام جي ووٽ تي ڌاڙو هنيو ويو، اسان پنهنجا حق ڇني وٺڻ ڄاڻيون ٿا،“ پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي معاملن واري وزير بلاول ڀٽو زرداري ملير ۾ پي پي ايم اين اي عبدالحڪيم بلوچ جي ڪاميابي تي جشن واري جلسي کي خطاب چيو آهي ته ٻين کي چور چوندڙ پاڻ چندو چور ۽ زڪوات چور نڪتو، سليڪٽيڊ گهر ڏيڻ جو واعدو ڪري لکين ماڻهن کي بي گهر ڪيو، هڪ شخص جي نااهلي سبب ملڪي معيشت کي نقصان رسيو، عمران جي نااهلي سبب پرڏيهي پاليسي متاثر ٿي، عمران خان ڪوڙو ۽ منافق ماڻهو آهي، عوام سليڪٽيڊ، ناجائز ۽ نااهل جو مقابلو ڪيو، عمران خان جي سياست اڄ به ڪوڙ تي ٻڌل آهي، هي اڳي به سليڪٽيڊ هو هاڻي به سليڪٽيڊ ٿيڻ جي ڪوشش پيو ڪري، بلاول ڀٽو زرداري موجب، ملير جي عوام سدائين پيپلزپارٽي جو ساٿ ڏنو آهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر ملير جي عوام پيپلز پارٽي تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here