پي ٽي آءِ جو استعيفائن جي اجتماعي تصديق لاءِ زور: اسپيڪر قومي اسپيڪر جو انڪار

0
126

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي اجتماعي استعيفائن تي زور ڏئي رهي آهي، جڏهن ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر راجا پرويز اشرف استعيفا ڏيڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي.

تحريڪ انصاف جي وفد اسپيڪر قومي اسيمبلي راجا پرويز اشرف سان ملاقات لاءِ وقت گهريو، اسپيڪر قومي اسيمبلي به مختصر جواب ڏيندي چيو ته ملاقات لاءِ ڀليڪار ڪريان ٿو پر ميمبرن جي استعيفائن جي تصديق الڳ الڳ ڪئي ويندي.

تحريڪ انصاف جي چيف وهپ عامر ڏوگر راجا پرويز اشرف کي ٽيليفون تي ٻڌايو ته اجتمامي استعيفائن بدران تحريڪ انصاف جو وفد اسپيڪر وٽ موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

قومي اسيمبلي جي ترجمان موجب فيصلو ڪيو ويو آهي ته اسپيڪر ڳڙهي خدا بخش مان واپسي تي پي ٽي آءِ جي وفد سان ملاقات ڪندو.

ان کان اڳ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جي خط جو جواب ڏيندي چيو آهي ته اسيمبلي ميمبرن کي ذاتي طور تي پيش ٿيڻو پوندو ۽ استعيفائن جي الڳ الڳ تصديق ڪرڻي پوندي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here