پرويز الاهي کانپوءِ محمود خان به عمران کي شٽ اپ ڪال ڏئي ڇڏي:شرجيل ميمڻ

0
89

ڪراچي: سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ سياسي پارٽي نه پر ناٽڪ بازن جو ٽولو آهي. عمران نيازي پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبليون ٽوڙڻ وارو سکڻو اعلان ڪيو.

شرجيل ميمڻ چيو ته پرويز الاهي کانپوءِ محمود خان به عمران خان کي شٽ اپ ڪال ڏئي ڇڏي آهي، پي ٽي آءِ وارا قومي اسيمبلي جي اسپيڪر آڏو به پيش ناهن ٿيا، هو هاڻ سپريم ڪورٽ وڃي رهيا آهن، انهن کي ڪي پي ڪي ۾ ڪنهن روڪيو آهي، اسيمبلي ڇو نه ٿا ٽوڙين، عمران خان بليڪ ميلنگ ۽ ڌمڪين ذريعي ٻيهر اقتدار ماڻڻ چاهي ٿو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here