آئين ۽ قومي سلامتي اسان جي پهرين ترجيح آهي :مراد علي شاهه

0
108

ملڪ ۾ آئين جي ڀڃڪڙي جي ڪوشش ٿي رهي آهي، عمران خان عزت سان استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته بي اعتمادي رٿ جمع ٿيڻ بعد مسلسل آئين جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي.هن چيو ته عمران خان کي چئون ٿا ته عزت سان استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي، عمران خان جي راند ختم ٿي چڪي آهي، هڪ وفاقي وزير اسٽيبلشمنٽ کي دعوت ڏئي رهيو آهي.سندس چوڻ هو ته عمران خان ڪرسي بچائڻ لاءِ آئين کي داءُ تي لڳائي رهيو آهي، عمران خان پنهنجي اڪثريت وڃائي ويٺو آهي، سڀاڻي بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿيندي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here