اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان عورت ميمبر اسيمبلي سان لاهور ۾ ملاقات ڪئي آهي
رپوٽس موجب ملاقات ۾ عورت ميمبرن الزام هنيو ته کين پيسن ۽ محفوظ جڳهه تي منتقل ڪرڻ جي آڇ ڪئي پئي وڃي
عورت ميمبرن جو چوڻ آهي ته کين لالچ ڏني پئي وڃي ته کين مستقبل ۾ ٽڪيٽ فراهم ڪيا ويندا
ميڊيا رپورٽس موجب عمران خان مرڪندي جواب ڏنو ته پيسا وٺي ڇڏيو ۽ پاڻ وٽ رکو، نظريي سان گڏ رهو ۽ آفرز جو مزو وٺو
ميڊيا رپورٽس موجب عمران خان اجلاس ۾ مونس الاهي جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته هو ساڻس گڏ آهي ۽ سٺو ڪم ڪري رهيو آهي
واضح رهي ته گذريل ڏينهن ۾ پنجاب جي گورنر پنجاب جي وڏي وزير کي اڄوڪي ڏينهن 21 ڊسمبر تي اسمبلي کان اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ چيو هو، جڏهن ته اسپيڪر پنجاب اسمبلي گورنر جي هدايت کي غيرآئيني قرار ڏئي ڇڏيو ۽ اڄ اجلاس گهرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو