آءِ ايم ايف  شرطون ، گيس سيڪٽر  جو 1400  ارب رپين جو گردشي  قرض  ختم ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم

0
92

آءِ ايم ايف  شرطون ، گيس سيڪٽر  جو 1400  ارب رپين جو گردشي  قرض  ختم ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم

 توانائي شعبي  خاص طور تي  گيس سيڪٽر  جي وڌندڙ  گردشي  قرض  ختم ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم  ڪئي وئي

عالمي مالياتي فنڊ  جي سخت  شرطن  جي  ڪري  گردشي  قرض  گهٽ ڪرڻ لاءِ  ڪم ڪندي

ان حوالي سان  جاري نوٽيفڪيشن ۾  چيو ويو آهي ته  ناڻي وارو وزير  اسحاق ڊار جي هدايت تي  اشفاق  توله جي  ڪنوينيئر شپ ۾  ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي

ڪميٽي جو اجلاس  روزاني جي بنياد تي هوندو،ڪميٽي 10 ڏينهن اندر رپورٽ  جمع ڪرائي وئي آهي

نوٽيفڪيشن موجب  ڪميٽي  30 جون 2022  تائين  گيس شعبي  جي گردشي  قرض جو جائزو  وٺندي

ڪميٽي  گردشي قرض  جي پرنسپل  امائونٽ ، ليٽ پيمينٽ درچارج ، ڏنڊ جو جائزو  وٺندي ،گردشي  قرض  ختم ڪرڻ  لاءِ ڪيش  ، نان ڪيش ايڊجسٽمينٽ  جو جائزو ورتو ويندو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here