پي ٽي آء جي قومي اسمبلي ميمبرن جو سڀاڻي اسپيڪر جي سامهون پيش ٿيڻ جو امڪان

0
81

پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي قومي اسمبلي ميمبرن جو سڀاڻي اسپيڪر جي سامهون پيش ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته اسپيڪر قومي اسمبلي راجا پرويز اشرف جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ ميمبرن جا استعيفا گڏيل منظور نٿا ٿي سگهن
پي ٽي آءِ اڳواڻ شبلي فراز جي استعيفا جي تصديق کان اڳ قومي اسمبلي جي اسپيڪر سان ملاقات ٿي. شبلي فراز پي ٽي آءِ جي استعيفائن بابت پارٽي جي فيصلي کان اسپيڪر کي آگاهه ڪري ڇڏيو
ميڊيا رپورٽس موجب شبلي فراز چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي سمورن ايم اين ايز جا استعيفا گڏ منظور ڪيا ويندا، جواب ۾ قومي اسمبلي جي اسپيڪر چيو ته آئين ۽ قانون موجب فيصلو ڪيو ويندو
رپورٽ موجب اسپيڪر استعيفائن جي معاملي جو شڪور شاد جي استعيفا جي تناظر ۾ به جائزو ورتو ويندو، شڪور شاد استعيفا منظوري جي خلاف عدالت ويو ۽ ان کي دٻاءُ جو نتيجو قرار ڏنو هو
خابرو ميڊيا اداري موجب قومي اسمبلي جي اسپيڪر جواب ڏنو ته پي ٽي آءِ ميمبرن جا استعيفا گڏ منظور نه ٿي سگهندا، پي ٽي آءِ جا مختلف ميمبر استعيفا منظور نه ڪرڻ جي درخواست ڪري چڪا آهن
ميڊيا رپورٽس موجب اسپيڪر موقف ڏنو ته قانون ۾ بي خوف ٿي ڪنهن دٻاءُ کانسواءِ استعيفا ڏيڻ جو ذڪر آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here