ايندڙ جمعي تي دما دم مست قلندر ٿيندو:عمران خان

0
68

پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ايندڙ جمعي تي دما دم مست قلندر ٿيندو

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي اسميبلي ميمبرن سان ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي

سرگوڌا، خوشاب ۽ جهنگ جي اسيمبلي ميمبرن زمان پارڪ ۾ عمران خان سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويو

ان موقعي تي اسيمبلي ميمبرن جو چوڻ هو ته هاري بدحال ٿي چڪو آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين جي فيصلن جي ڀرپور حمايت ڪيون ٿا

ذريعن موجب عمران خان اسيمبلي ميمبرن سان ڳالهائيندي چيو ته پرويز الاهي دٻاءُ ۾ اچي ويندو آهي، هو اسان سان گڏ آهي، مونس الاهي به ساٿ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي

سندس چوڻ هوته اسان جڏهن چونداسين پرويز الاهي سمري اُماڻي ڇڏيندو ۽ ايندڙ جمعي تي دما دم مست قلندر ٿيندو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here