پاڪستان جون تيل ضرورتون سمجهون ٿا،هر ملڪ کي پنهنجي ضرورتن مطابق فيصلو ڪرڻو پوندو:آمريڪا

0
105

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا چيو آهي ته پاڪستان جي تيل جي ضرورت کي سمجهون ٿا، هر ملڪ کي پنهنجي حالتن مطابق فيصلو ڪرڻو آهي،

آمريڪي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته آمريڪا روس تي تيل برآمد ڪرڻ تي اڃا تائين پابنديون ناهن لڳايون، اتحادين سان گڏجي مهانگي تيل جي عالمي منڊي تي اثرن کي منهن  ڏيڻ جي ڪوشش  ڪري رهيا آهيون، آمريڪي ڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته پاڪستان جي تيل جي ضرورت کي سمجهي سگهون ٿا پر هر ملڪ کي پنهنجي حالتن ۽ تيل جي ضرورتن مطابق فيصلو ڪرڻو پوندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here