پاڪستان بزنس ڪائونسل جو حڪومت جي معاشي پاليسين تي اعتماد جو اظهار

0
80

اسلام آباد: پاڪستان بزنس ڪائونسل حڪومت جي معاشي پاليسين تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان بزنس ڪائونسل جي 5 رڪني وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪ جي معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي،

جڏهن ته پي سي بي جي وفد حڪومت جي معاشي پاليسين تي اعتماد جو اظهار ڪيو. پاڪستان بزنس ڪائونسل به وزيراعظم کي توانائي جي بچت جي مختلف قدمن تي تعاون جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم چيو ته وفد معاشي استحڪام ۽ ترقي لاءِ مفيد تجويزون ڏنيون، حڪومت واپاري طبقي جي سهڪار ۽ عوام جي سهڪار سان معاشي چيلينجز تي ضابطو آڻيندي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here