امپورٽڊ سرڪار افغان سرحد تي حملا روڪڻ ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي:عمران خان

0
109

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو ته امپورٽڊ سرڪار افغان سرحد تي حملا روڪڻ ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام رهي آهي
اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت افغان سرحد تي افغان فوج جا حملا روڪڻ ۽ وڌندڙ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي
هن چيو ته اسان جا جوان ۽ پوليس اهلڪار جانين جا نذرانه پيش ڪري رهيا آهن ، دهشتگردي جي خطرن ۽ اولهه سرحد کان حملن ۾واڌ سرڪار جي بيانيئي ۾ جاءِ ناهي ٺاهي رهي
عمران خان چيو ته سموري توانائي اين آر او ٽو ۾ ضايع ڪري رهيا آهن ، معيشت جي زبون حالي باوجود حڪومت چونڊون منعقد ڪرائڻ کان گهٻرائي رهي آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here