عمران جي چوڻ تي جنهن ايف آءِ آر داخل نه ڪئي اهو اسيمبلي ٽوڙي ڇڏيندو؟: رانا ثناءُ الله

0
154

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان جي ايجنڊا چونڊون نه پر معيشت کي تباهه ڪرڻ آهي.

گهرو وزير رانا ثنا الله عمران خان پاران اسيمبليون ٽوڙڻ جي امڪاني اعلان تي تبصرو ڪندي چيو ته عمران خان اسيمبليون ٽوڙي يا نه، هر صورت ۾ سياسي نقصان عمران خان جو ٿيندو. رانا ثناءُ الله چيو ته عمران خان جي درخواست تي جنهن ايف آءِ آر داخل نه ڪئي اهو اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيندو؟ پارليامينٽ جو تسلسل پاڪستان ۽ معيشت جي ضرورت آهي.

هن چيو ته چونڊن ٿين تڏهن به عمران خان جي فسادي سوچ تبديل نه ٿيندي، عمران خان جي ايجنڊا چونڊون نه پر معيشت کي تباهه ڪرڻ آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here