ملير: 2 قديمي ڳوٺ ڊاهڻ لاءِ ٻيهر آپريشن،رهواسين جي مزاحمت، شيلنگ، فائرنگ، علائقو ميدانِ جنگ بڻجي ويو

0
88

ملير: ملير جي ٻن قديمي ڳوٺن کي ڊاهڻ لاءِ آپريشن، رهواسين جي مزاحمت، پوليس جي شيلنگ ۽ هوائي فائرنگ سبب علائقو ميدانِ جنگ بڻجي ويو.

اينٽي انڪروچمينٽ ۽ ملير پوليس گاڏيون هاڻ ڪري قديمي ڳوٺ عارب پنهور ۽ يوسف عارفاڻي کي ڊاهڻ لاءِ ٻيهر آپريشن لاءِ پهتي ته رهواسين وڏي تعداد ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري مزاحمت ڪئي، جنهن تي پوليس احتجاج ڪندڙن تي لٺبازي ڪري ڏني ۽ هوائي فائرنگ پڻ ڪئي، جنهن سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو،

جڏهن ته پوليس مظاهرين تي واٽر ڪينن جو به استعمال ڪيو، چڪريون سبب علائقو ميدانِ جنگ بڻجي ويو. انتظاميه موجب هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته رهواسين جو چوڻ آهي ته ٻئي ڳوٺ قديم ترين ڳوٺ آهن، جن ۾ اسان ورهين کان رهون ٿا، انتظاميه اجها ڊاهي بي گهر ڪرڻ چاهي ٿي پر اسان پنهنجا اجها بچائڻ لاءِ هر حد تائين وينداسين.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here