اوٻاوڙو ويجهو مقابلي دوران هڪ ڄڻو مارجي ويو، غوثپور ڀرسان نوجوان اغوا

0
107

اوٻاوڙو ويجهو کنڀڙا پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو ٿيو، هڪ ڄڻو مارجي ويو آهي ۽ سندس ساٿي زخمي ٿي پيو، پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته مقابلي دوران سنڌ ۽ پنجاب ۾ 20 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ گهربل جوابدار شاهو ڪوش مارجي ويو، سندس ساٿي بخت ڪوش زخمي ٿي پيو، ٻين ڏوهارين جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.

هوڏانهن غوثپور ويجهو ڳوٺ سندراڻي ڀرسان لاڙڪاڻو واسي ٽيڪسي ڊرائيور زاهد عمراڻي مبينا طور اغوا ٿي ويو. وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جو همراهه گذريل ڏينهن سواري سان ويل هو، ڏوهارين کيس رستي ۾ اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي ويا آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته ڳوٺ سندراڻي وٽان ڪار ملي آهي، مغوي جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here