سبسڊي ٽارگيٽڊ ۽ ايڪسپورٽ وڌائڻي پوندي، پرڏيهي قرضن تي ڀاڙي نه ٿا سگهون: اسحاق ڊار

0
77

اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان کي ٽارگيٽڊ سبسڊي ڪرڻي پوندي ۽ برآمدات وڌائڻي پوندي. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته ڪورونا جي وبا سبب ڪيترن ئي ملڪن ٽيڪس جي شرح ۾ واڌ ڪئي آهي، اسان وٽ به ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي شرح وڌائڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي.

هن چيو ته پاڪستان کي ٽيڪس جو دائرو وڌائڻ جي ضرورت آهي ۽ آئون ايف بي آر جي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي مڪمل حمايت ڪريان ٿو. اسان پنج سال اڳ ڪٿي هئاسين ۽ هاڻ ڪٿي آهيون، گذريل چئن سالن ۾ معاشي انتظام مڪمل طور ناڪام ٿي چڪو آهي، چئن سالن ۾ اسان جا قرض 30 کان 54 ارب تائين پهچي ويا آهن، آئون وڏي وقت کان چارٽر آف اکانومي جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان.

اسحاق ڊار چيو ته ڇا آمريڪا، جاپان ۽ برطانيه ۾ چيو ويندو آهي ته  سندن ملڪ قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي ته پاڪستان کي به معيشت کي سياست کان ڌار ڪرڻو پوندو. ناڻي واري وزير چيو ته بنگلاديش سميت ٻيا ملڪ ڪرنسي مارڪيٽ ۾ مداخلت نه ڪري رهيا آهن، اسمگلرز ۽ هينڊ مافياز ملڪي معيشت کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن سبب پاڪستان ۾ به حڪومت کي مارڪيٽ ۾ مداخلت ڪرڻي پئي.

هن چيو ته نيب جي خوف سبب ڪو به ڪم ڪرڻ نٿو چاهي، اسان ڪيترن ئي سرڪاري ادارن جي نجڪاري ڪريون. اسحاق ڊار چيو ته غريب ۽ مسڪين ماڻهن کي سبسڊي ڏيڻ رياست جي ذميواري آهي پر اسان جي ملڪ ۾ سبسڊي ٽارگيٽ ڪرڻي پوندي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here