حڪومتي اتحاد ۾ سڀ ٺيڪ ناهي، ڪوئي طوفان برپا ٿي سگهي ٿو: حامد مير

0
74

اسلام آباد: سينيئر صحافي حامد مير چيو آهي ته موجوده حڪومتي اتحاد ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ ناهي ۽ اسلام آباد ۾ سياسي گرمائش ايندڙ ڏينهن ۾ وڏو طوفان آڻي سگهي ٿي.نجي ٽي وي جي شو ۾ ڳالهائيندي حامد مير چيو ته حڪومت مان نڪرڻ جي باوجود عمران خان جو پلڙو ڳرو نظر اچي رهيو آهي، جيئن هن چيو هو ته جيڪڏهن هو حڪومت مان ٻاهر ويو ته هو اڳ کان وڌيڪ خطرناڪ بڻجي ويندو، بلڪل ايئن نظر اچي رهيو آهي.

هن چيو ته عمران خان جڏهن کان حڪومت مان ٻاهر آيو آهي، هو مختلف سياسي ڪارڊ کيڏي رهيو آهي ۽ جارحاڻي حڪمت عملي اختيار ڪري رهيو آهي، جڏهن ته حڪومت دفاعي انداز ۾ نظر اچي رهي آهي. سينيئر تجزيه نگار چيو ته 26 نومبر کانپوءِ عمران خان جو اسيمبلين کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو سياسي طور سٺو آهي پر دير سان عمران خان جي سٺي سياسي حرڪت جو اثر گهٽجي ويو آهي، عمران خان کي چيو ويو آهي ته ترقياتي منصوبا مڪمل ڪري مارچ تائين انتظار ڪريو. عمران خان جو خيال آهي ته اسيمبليون هن ئي مهيني ۾ ٽوڙڻ گهرجن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here