نامزدگي ڪاغذن ۾ مبينا ڌي کي لڪائڻ جو معاملو: عمران خلاف نااهل ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر

0
142

اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين پاران مبينا ڌي کي ڪاغذن ۾ لڪائڻ تي عمران خان خلاف نااهلي وارو ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي، عمران خان تي نامزدگي ڪاغذن ۾ پنهنجي مبينا ڌيءَ تيريان کي لڪائڻ جو الزام آهي، جنهن سبب هڪ شهري سندس نااهلي لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته عمران خان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ وقت غلط معلومات ڏني، تفصيل ۾ پنهنجي ٻن ٻارن جو ذڪر ڪيو ۽ هڪ جي معلومات لڪائي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار عمران خان جي نااهلي جو ڪيس 20 ڊسمبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن لاءِ ڪاز لسٽ جاري ڪئي وئي آهي.

عدالت عمران خان، اليڪشن ڪميشن ۽ وفاق کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here