نيب قانون جي غلط استعمال سان ڪيترن جا ڪاروبار تباهه ٿيا، فائدو رڳو ترميم ڪندڙن کي ٿيو: چيف جسٽس

0
102

اسلام آباد: چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته نيب قانون جي غلط استعمال سان ڪيترن ئي ماڻهن جو ڪاروبار تباهه ٿي چڪو آهي، جڏهن ته نيب ترميمن مان فائدو رڳو ترميم ڪندڙن کي ٿيو. سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمن خلاف عمران خان جي درخواست جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ چيئرمين پي ٽي آءِ جي وڪيل خواجا حارث دليل ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ايگزيڪيوٽو پنهنجو ڪم نه ڪري ته ماڻهو عدالتن ۾ ئي ايندا آهن.

ٻڌڻي دوران جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته نيب ترميمون هن اسيمبلي ڪيون جيڪي مڪمل ناهن، ان نقطي تي ڪو قانون ناهي ته نامڪمل اسيمبلي قانونسازي ڪري سگهي ٿي يا نه؟ اڌ کان وڌيڪ اسيمبلي سياسي حڪمت عملي سبب بائيڪاٽ تي آهي.

جسٽس اعجاز الاحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته نيب ترميمن مان فائدو رڳو ترميم ڪندڙن کي ٿيو آهي، سموري سياسي پارٽي چند ماڻهن جي ڏنل لائين تي هلندي آهي، لائين فالو ڪرڻ جو فائدو صرف ڪجهه ماڻهن کي ئي پهچندو آهي، نيب ترميم جي هدايت ڪندڙن کي اصل فائدو پهتو، ڇا اهڙي صورتحال ۾ عدليا هٿ پير ٻڌي تماشو ڏسي؟ نيب ترميمون بغير بحث جي تڪڙ ۾ منظور ڪيون ويون، جيڪڏهن ترميمن جي نيت صحيح ناهي ته پوءِ ٻيو ڪجهه ڄاڻڻ جي ضرورت ناهي.

چيف جسٽس چيو ته عدالتي فيصلن باوجود ڪرپشن ختم ناهي ٿي سگهي، مسئلو رڳو ڪرپشن ناهي پر نظام ۾ خاميون به آهن، نظام ۾ موجود خامين کي دور ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش ناهي ڪئي وئي، جڏهن ته قانون سازي ڪرڻ پارليامينٽ جو ڪم آهي ته سسٽم ۾ بهتري لاء قانون ٺاهي ۽ عمل به ڪرائي.

جسٽس عمر عطا بنديال وڌيڪ چيو ته صوبي ۾ 5 مهينن کانپوءِ آءِ جي ۽ 3 مهينن کانپوءِ ايس ايچ او تبديل ٿيندو آهي، ايگزيڪيوٽو فيصلا ڪرڻ وقت قانون تي عمل ناهي ڪيو ويندو. چيف جسٽس جو چوڻ هو ته ماضي ۾ ريڪوڊڪ ۽ اسٽيل ملز جا فيصلا عدالت سٺي نيت سان ڪيا، حڪومت نظام جي ڪمزوري سبب منصوبن ۾ ڪرپشن کي پڪڙي نه سگهي.

هن وڌيڪ چيو ته نيب قانون جي غلط استعمال سبب ڪيترن ئي ماڻهن جا ڪاروبار تباهه ٿي ويا آهن، ڪرپشن ڪندڙن کي معافي نه ملڻ گهرجي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here