ايم سڪس موٽر وي منصوبي ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار نه ملڻ جا خدشا آهن:مراد علي شاهه

0
209

سکر: سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ ايم سڪس موٽر وي منصوبي ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار نه ملڻ جا خدشا آهن، اميد آهي ته هن پراجيڪٽ ۾ مقامي ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون وينديون،

ايم سڪس موٽر وي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي  وڏي وزير چيو ته سموري سنڌ ۾ بدامني وارو تاثر غلط آهي، رڳو پنجاب جي دنگ وٽ ڪجهه ڌاڙيل موجود آهن، هن چيو ته 5 پوليس آفيسرز ۽ اهلڪارن کي شهيد ڪندڙ ڌاڙيلن کي جهنم پهچايو ويو آهي، سنڌ پوليس وٽ امن ڪرائڻ لاءِ فنڊز جي ڪا به کوٽ نه آهي،

مراد علي شاهه چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف روهڙي پل جي مرمت ڪرائي ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، موجوده وزيراعظم شهباز شريف کي گذارش آهي ته روهڙي پل جو رهيل مرمتي ڪم ڪرايو وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here