وڏي وزير سيد مراد علي شاھ نبي سر ٿر پهچي ملڪ جي وڏي پاڻي جي منصوبي جي افتتاح ڪري ڇڏيو

0
100

وڏي وزير سيد مراد علي شاھ نبي سر ٿر پهچي ملڪ جي وڏي پاڻي جي منصوبي جي افتتاح ڪري ڇڏيو،وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته نبي سر ٿر ۾ تعمير ٿيندڙ پاڻي جو منصوبو ملڪ جو وڏي ۾ وڏو پاڻي منصوبو آهي جنهن تي 30 ارب روپين جي بجيٽ خرچ ٿيندي، ٿر ڪول واٽر پروجيڪٽ جي سپرنٽنڊنٽ وقار قادري وڏي وزير کي بريفنگ ڏنيدي چيو ته پاڻي منصوبو 213 ايڪڙ نبي سر ٿر ۽ 255 ايڪڙ ويجهار ٿر جي زمين تي تعمير ٿيندو جتان روزانو 45 هزار ڪيوسڪ پاڻي نڪرندو،منصوبي مان نڪرندڙ پاڻي پائپ ذريعي ٿرڪول ويندو جتي 1650 ميگا واٽ بجلي پيدا ٿيندي ۽ ملڪي خزاني کي ساليانو سوا ارب جي آمدني ٿيندي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here