عمران خان پاران پرڏيهي وزير تي دورن دوران 2 ارب رپيا خرچ ڪرڻ جو الزام، بلاول جو ردعمل

0
97

پي ٽي آءِ سربراه عمران خان، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري تي پرڏيهي دورن تي پوڻا ٻه ارب رپيا خرچ ڪرڻ جو الزام لڳائي ڇڏيو جڏهن ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو رد عمل سامهون اچي ويو

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پوڻا ٻه ارب رپيا خرچ ڪرڻ واري الزام کي رد ڪري ڇڏيو

پرڏيهي وزير چيو ته هو هوائي سفر جا ٽڪٽس ۽ هوٽل ۾ ترسڻ جو خرچ  به پنهنجي کيسي مان ادا ڪندو آهي

ان حوالي سان سڌ سماءُ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، عمران خان کان ڪوڙن ۽ من گهڙت انگ اکرن جا ثبوت پيش ڪرڻ يا معافي وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پرڏيهي سرڪاري دورن جي خرچن بابت عمران خان جو بيان بي بنياد آهي

صوبائي وزير چيو ته نيازي پيدائشي ڪوڙو آهي، هميشه بغير ثبوتن جي سياسي مخالفن تي ڪوڙا الزام لڳائيندو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here