نيب ختم ڪري احتساب جو نئون ادارو ٺاهيو وڃي: سعيد رفيق جو مطالبو

0
70

لاهور: هوابازي واري وزير خواجا سعد رفيق به نيب کي ختم ڪري نئون احتساب ادارو ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا سعد رفيق چيو ته جن کيس زمين تان اٿاريو ۽ ڪوڙو مهاتما بڻايو انهن پنهنجا احسان وساري ڇڏيا، اسان تي انتهائي منافقت سان ڪيس ٺاهيا ويا، ظاهر آهي سياسي مخالفت سبب ڪيس ٺاهيا ويا، هاڻي صورتحال مختلف آهي، عمران خان سان گڏ ڪو به ناهي.

هن چيو ته اسيمبليون ٺاهڻ ۽ ٽوڙڻ راند آهي ڇا؟ چونڊون ڪرائڻ لاءِ پسا گهرجن، تنهن ڪري جتي توهان جون حڪومتون آهن، اتي ڪم ڪريو. سعد رفيق چيو ته اسان جي 2013ع ۽ 2018ع جي ڪارڪردگيءَ کي سندس چئن سالن سان ڀيٽيو، ادارا تباهه ٿي ويا، حڪومت وٽ پيسا ناهن، هنن 8 مهينن ۾ ته اسان باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، الله جو شڪر آهي ته ملڪ ڊفالٽ کان بچي ويو.

وفاقي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته فوج کي هر وقت سياست ۾ ڇڪڻ سٺي ڳالهه ناهي، منهنجي خيال ۾ نيب کي ختم ڪري احتساب جو نئون ادارو بڻائڻ گهرجي جڏهن ته نيب جو موجوده چيئرمين ايماندار ماڻهو آهي. ٻئي طرف لاهور ۾ خواجا سعد رفيق جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پي اي سي ڪمپليڪس جي پاڪستان ايئر فورس ۽ اي ٽي آر جهازن جي پاڪستان نيوي کي منتقلي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ هوابازي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو ته اعليٰ معيار جا ٽي نوان جهاز تمام جلد پي آءِ اي جي فضائي ٻيڙي جو حصو ٿيڻ وارا آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here