ايم ڊي ڪيٽ امتحان 2022 جي ٻيهر جاچ 23 کان 27 نومبر تائين ٿيندي

0
136

پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن(پي ايم سي) ايم ڊي ڪيٽ امتحان جي ٻيهر جاچ لاءِ 5 ڏينهن مختص ڪيا آهن
پي ايم سي جو چوڻ آهي ته ايم ڊي ڪيٽ امتحان 2022 جي ٻيهر جاچ 23 کان 27 نومبر تائين ٿيندي
پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن چيو ته ايم ڊي ڪيٽ جو امتحان منعقد ڪندڙ يونيورسٽيون 5 ڏينهن کليل رهنديون، شاگرد ٻيهر چيڪنگ لاءِ درخواست ڏئي سگهن ٿا
پي ايم سي موجب امتحان جي نتيجي ۾ غلطي يا ڪوتاهي جي صورت ۾ درخواست ڏئي سگهجي ٿي، شاگردن کي اپيل آهي ته هو لاڳاپيل يونيورسٽيز سان رابطو ڪن.
واضح رهي ته ميڊيڪل يونيورسٽيز جن وٽ وڏي پيماني تي ٽيسٽنگ جو تجربو نه هيو ٽيسٽنگ اداري کان ٽيسٽ ڪرائڻ گهرن پيون پر پي ايم سي انهن ٽيسٽنگ ادارن کي روڪي پاڻ ٽيسٽ ڪرائڻ جو چيو هو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here