ننگر پارڪر ۾ ٻن ڳوٺن ۾ باهه لڳڻ سبب 9 ڪکاوان چوئنرا سڙڻ سان گڏ ھڪ نينگري سڙي فوت ٿي وئي جڏهن ته 6 ٻڪريون به سڙي مري ويون.ڳوٺ پاڙوڌڙو ۾ باھ لڳڻ جي واقعي ۾ ڳوٺاڻي موٻي ٺڪر جا پنج ڪکاوان چوئنرا سڙي رک ٿي وياچوئنري ۾ رھجي ويل 4 ورهين جي پوجا ڌي گمانو ٺڪر سڙي فوت ٿي وئي،جڏهن ته 36 ھزار روڪ رقم، ھڪ ڍڳا گاڏي، سون ۽ چاندي جا زيور، اناج ۽ ٻيو گھريلو سامان به باهه جي نظر ٿي ويو.ٻيو واقعو ڳوٺ جهامري ۾ پيش آيو جتي ڀيل برادري جي چئن گهرن کي باھ لڳي وئي، باھ لڳڻ سبب راڻو ، دودو ، گڻيسو ۽لڌو ڀيل جا ڪکاوان چونئرا، 6 ٻڪرين جا ننڍڙا ڦر،2 تولا سون، ڪلو چاندي، 8 هزار روڪ رقم، 10مڻ ٻاجهر گوار ۽ ٻيو گھريلو سامان سڙي رک ٿي ويو.ٻنھي ڳوٺن جي رهواسين پاران اطلاع ڏيڻ باوجود فائر برگيڊ ۽ عملو نه پهتو، جنھن ڪري جاني وڏو مالي نقصان ٿيو.ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ڪنٽرول ڪري وڌيڪ گھرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو، گهر سڙڻ وڃڻ بعد باهه متاثر خاندان کلي آسمان ھيٺ ويٺل آهن.