توانائي واري وزير امتياز شيخ پاران محرابپور ۾ 11 هزار واٽ بجلي جون تارون ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس

0
85

سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ محرابپور ۾ 11 هزار واٽ بجلي جون تارون ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي وارثن ۽ زخمين جي داد رسي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.گذريل رات ڌرتي ٽي وي جي رپورٽر امدادسومراھه پاران ڳوٺ ڀرسان پير قائم شاھ ۾ 11 هزار ولٽيج جون تارون ڪرڻ ۽ نقصان بابت شڪايت ڪئي.توانائي واري وزير امتياز شيخ افسوسناڪ واقعي ۾ نوجوان جي فوت ۽ 4 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي سيپڪو چيف سان رابطو.صوباي وزير اليڪٽرڪ انسپيڪٽر سکر کي واقعي جي فوري جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي متاثرن جي داد رسي ڪرڻ جو حڪم ڏنو.امتياز شيخ جو چوڻ هو ته اهڙي قسم جي لاپرواهي ۽ غير ذميواري کي برداشت نه ٿو ڪري سگهجي، عوام جي جان ۽ مال جو برداشت نه ٿيڻ جوڳو نقصان ٿيو آهي.هن چيو ته متاثر خاندان جي هر قسم جي مدد پهرين ترجيح آهي، مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچڻ لاءِ قدم کڻڻ انتهائي لازمي آھن

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here