آزاد ڪشمير ۾ 31 ورهين بعد مڪاني چونڊ: مظفرآباد ۾ پي ٽي آءِ کي شڪست، نواز ليگ ميدان ماري وئي

0
120

مظفرآباد: آزاد ڪشمير ۾ 31 ورهين بعد مڪاني چونڊ جو دنگل، مظفرآباد ۾ حڪمران جماعت پي ٽي آءِ کي شڪست، نواز ليگ ميدان ماري وئي، مڪاني اليڪشن جي پهرين مرحلي ۾ مظفرآباد ڊويزن جي 3 ضلعن مظفرآباد، نيلم وادي ۽ جهلم ويلي ووٽنگ ٿي، عورتن، بزرگن ۽ نوجوانن ڀرپور حصو ورتو.

راڄڌاني مظفرآباد ۾ حڪمران جماعت هارائي وئي، غيرحتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجن موجب نواز ليگ 12 سيٽون کڻي پهرين نمبر تي آهي، پي ٽي آءِ 10 ۽ پ پ 6 سميت آزاد اميدوار 7 سيٽون کنيون، اهڙي ريت ضلعي ڪائونسل جي 41 ميمبرن لاءِ به تحريڪ انصاف لاءِ خبر سٺي ناهي، ڇاڪاڻ 30 سيٽن جي نتيجن ۾ پوئتي آهي.ضلعي جهلم ويلي ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ چوٽي جو مقابلو ٿيو، 18 مان 10 سيٽن تي تحريڪ انصاف ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي حتمي نتيجا سامهون اڃا ناهن آيا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here