وزيراعظم شهباز شريف ۽ حمزا شهباز ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس مان بري ٿي ويا، لاهور جي اسپيشل سينٽرل ڪورٽ پيءُ پٽن جي بريت واري درخواست منظور ڪري ورتي، بي نامي کاتن سان شهباز شريف ۽ حمزا شهباز جو تعلق ثابت نه ٿو ٿئي، ايف آءِ اي چالان ۾ شاهديون ناڪافي آهن، اسپيشل ڪورٽ جي جج اعجاز اعواڻ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالتي فيصلي کانپوءِ لاهور ۽ فيصل آباد سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ليگي ڪارڪنن جو جشن