پاور سيڪٽر کي نه سڌاريو ويو ته ملڪي معيشت کي ٻوڙي ڇڏيندو، هن سال هڪ هزار هڪ سئو ارب رپيا پاور سبسڊي لاءِ ڏنا ويا آهن، نيپرا جو نظام گهڻو منجهيل آهي، ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته گئس جي شعبي جو گردشي قرض 1500 ارب رپين کان وڌي چڪو آهي، گذريل حڪومت رڪارڊ قرض ورتا، پاڪستان جي سمورن وزيراعظمن جيترو قرض ورتو، ان جو 80 سيڪڙو قرض عمران خان ورتو