عمران بُلٽ پروف جيڪٽ لازمي پائي، چرپر ڳجهي رکي: پوليس جو پي ٽي آءِ کي خط

0
135

راولپنڊي جلسي کان اڳ پوليس تحريڪ انصاف قيادت کي لکت ۾ سيڪيورٽي هدايتون جاري ڪيون آهن،

پوليس اختيارين موجب تحريڪ انصاف کي موڪليل خط ۾ چيو ويو آهي ته وي آءِ پي سيڪيورٽي لاءِ پوليس جي هدايتن تي عمل ڪيو وڃي،

پوليس خط ۾ چيو ته عمران خان لاءِ بُلٽ پروف روسٽروم کي يقيني بڻايو وڃي ۽ بلٽ پروف جيڪٽ به لازمي طور پائي، عمران خان ڪنهن به عوامي هنڌ تي گاڏي مان نه نڪري، خط ۾ وڌيڪ چيو ويو اهي ته روايت جي برعڪس عمران خان جي چرپر کي ڳجهو رکيو وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here