سانگهڙ ۾ جڙتو مقابلو: عدالت پاران پوليس آفيسرن کي چالان ڪرڻ جو حڪم

0
142

شهدادپور جي عدالت سانگهڙ ۾ جڙتو مقابلي دوران فل فراءِ ٿيل نوجوان مورت بوزدار بابت ڪيس ۾ پوليس جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي آهي، عدالت پوليس جي رپورٽ کي رد ڪندي 2ايس ايڇ اوز سميت 5جوابدارن کي چالان ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي،

ٻڌڻي دوران درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته ايس ايچ او اسلم بُلو بااثر جي چوڻ تي مورت بوزدار کي کنڀي 10 ڏينهن بعد سانگهڙ پوليس حوالي ڪيو، وڪيل چيو ته ايس ايچ او سانگهڙ مقصود رضا مڱڻهار ۽ اهلڪارن پٽ کي جڙتو مقابلي ۾ فل فراءِ ڪري ڇڏيو،

عدالت الله بچايوٿيٻو، ايس ايڇ او مقصودرضامڱڻهار،ايس ايڇ اواسلم بُلو ۽ 2اهلڪارن کي چالان ڪرڻ جو حڪم ڏنو، عدالت سانگهڙ جي اڳوڻي ايس ايس پي فرخ لنجار خلاف شاهديون نه ملڻ تي کيس بيڏوهي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here