وزيراعظم شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري پاران علامه محمد اقبال جي 145هين پيدائش جي ڏهاڙي تي ڀيٽا پيش

0
84

وزيراعظم شهباز شريف علامه محمد اقبال جي جنم ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته علامه اقبال امت جي نوجوانن کي شاهين سان تعبير ڏني، علامه اقبال نوجوانن کي علم ۽ تحقيق جون منزلون طئي ڪرڻ جي تلقين ڪئي، سندس تعليمات تي نه رڳو خطي پر سڄي دنيا ۾ اڄ به تحقيق جاري آهي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاران مفڪر علامه محمد اقبال جي 145هين پيدائش جي ڏهاڙي تي ڀيٽا پيش، بلاول ڀٽو چيو آهي ته علامه اقبال جو فلسفو نوجوان نسل جي بهتر ذهني تربيت لاءِ پيغام آهي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شاعر مشرق علامه اقبال سدائين معاشري ۾ سياسي بيداري جي اهميت جو سبق ڏنو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here